چين عالمي طاقت جي طور تي آمريڪا جي جڳهه وٺي رهيو آهي: يورپي يونين

news

برلن: (خميس 28 مئي 2020ع)  يورپي يونين جي پرڏيهي وزير جوزف بوريل پنهنجي هڪ انتهائي اهم بيان ۾ چيو آهي ته عالمي طاقت جو توازن آمريڪا کان ايشيا منتقل ٿي رهيو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب يورپي پرڏيهي وزير جوزف بوريل اها ڳالهه گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. هن انتهائي اهم بيان ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا هاڻ دنيا جي اڳواڻي ڪندي نظر نه پيو اچي. تاريخ ۾ ڪورونا وائرس کي فيصلو ڪندڙ موڙ جيان ڏٺو ويندو.

جوزف بوريل جرمن سفارتڪارن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته تجزئي ڪار عرصي کان آمريڪا جي اڳواڻي ۾ هلندڙ عالمي نظام جي خاتمي ۽ ايشيائي صدر جي اچڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ماهرن جنهن ايشيائي صدي جي آمد جي اڳڪتي ڪري رهيا هئا ان جو شايد هاڻ ظهور ٿي چڪو آهي.

هاڻ يورپي يونين کي پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي چين جي حوالي سان هڪ پڪي پاليسي ٺاهڻي پوندي. اسان کي ڪنهن هڪ سائيڊ جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌندو پيو وڃي.

يورپي يونين جي پرڏيهي وزير چيو ته  چين عالمي طاقت جي طور تي آمريڪا جي جڳهه وٺي رهيو آهي ۽ يورپي يونين کي چين جي حوالي سان هڪ مضبوط پاليسي طئي ڪرڻي پوندي.