آمريڪا ۾ ڪورونا وگهي فوتگيون هڪ لک کان مٿي ٿي ويون

news

نيويارڪ: (خميس 28 مئي 2020ع)  آمريڪا ۾ صرف 4 مهينن جي دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ هڪ لک کان به مٿي ٿي ويو آهي.

آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 21 جنوري تي واشنگٽن ۾ رپورٽ ٿيو هو ۽ ان وقت کان وٺي هينئر تائين 17 لک 45 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته هڪ لک 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت به ٿي چڪا آهن.

آمريڪا جي جان باپڪنز يونيورسٽي جي انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ ڪوريا، ويٽنام، عراق ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ جنگين جي گڏيل فوتگين کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي.

هوڏانهن آمريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتگين ۾ لاڳيتو واڌ ٿيندي پئي وڃي ۽ طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته فوتين جو انگ حڪومتي انگن اکرن کان به وڌيڪ آهي. شروعاتي طور تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس کي عام زڪام جي ڪيفيت قرار ڏيندي چيو هو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڪنهن معجزي جيان هي وبا به ختم ٿي ويندي. ٽرمپ پهريان ڪورونا سبب 50 هزار کان 60 هزار ماڻهن جي فوتگي جو بيان ڏنو. پوءِ 60 کان 80 هزار ماڻهن جي فوتگي جو چيو ۽ پوءِ ان انگ کي وڌائيندي هڪ لک ٻڌايو هو.

ياد رهي ته دنيا ۾ وڌيڪ ڪيسن جي اعتبار سان آمريڪا کان پوءِ ٻيون نمبر برازيل جو آهي جتي 4 لک 14 هزار 616 ماڻهو هن موذي وبا مان متاثر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 25 هزار 679 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.