گوگل پنهنجن ملازمن کي هڪ هزا ڊالر اضافي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

لنڊن: (خميس 28 مئي 2020ع)  گوگل گهر تي ڪم ڪندڙ پنهنجن ملازمن کي اضافي هڪ هزار ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

گوگل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني جا جيڪي ملازم گهرن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي اضافي الائونس جي طور تي هڪ هزار ڊالر يا ان جي برابر سندن ملڪ جي ڪرنسي ڏني ويندي. ڪمپني طرفان چيو ويو آهي ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي فرنيچر ۽ ٻئي سامان جي ضرورت پئي هوندي ۽ هلندڙ سال وڌيڪ ملازمن کي گهر ۾ ئي ڪم ڪرڻو پوندو. جنهن سبب انهن کي ضرورت جون شيون وٺڻ جي لاءِ اضافي  الائونس ڏنو پيو وڃي.

ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ آفيسن جو ڪم گهرن ۾ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ گوگل به پنهنجي ملازمن کي مارچ ۾ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

گوگل جولاءِ ۾ پنهنجن ملازمن کي آفيس گهرائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته 6 جولاءِ تي ڪمپني ڌار ڌار شهرن ۾ 10 سيڪڙو ملازمن سان گڏ پنهنجي آفيسن ۾ ڪم شروع ڪندي ۽ جيڪڏهن  معاملو اهڙي طرح صحيح رهيو ته سيپٽمبر تائين 30 سيڪڙو ملازمن کي آفيسن ۾ گهرايو ويندو.