ڪورونا وائرس عالمي مسئلو آهي، دنيا کي گڏجي حل ڳولڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کي عالمي مسئلو ۽ ان جو گڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا کي ان کان نبرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

ڪورونا وائرس کانپوءِ ترقي لاءِ سرمائيڪاري تي عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته وائرس عالمي معيشت تي تمام اگرا اثر ڇڏيا پر ترقي پذير ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا، ان وبا کان اسان جي برآمد متاثر ٿي، هن وقت نائجيريا، ايٿوپيا ۽ مصر کي به پاڪستان جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا وائرس کان نبرڻ لاءِ دنيا کي قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته اهو عالمي مسئلو آهي ۽ اسان کي ملي ڪري گڏجي ان جو حل ڪڍڻو پوندو. پنهنجي خطاب ۾ هن جي ٽونٽي ملڪن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته ڪورونا جي خلاف ان جا قدم تعريف جوڳا آهن.