گهوٽڪي ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ واري معاملي خلاف علامتي بک هڙتال

news

گهوٽڪي: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي لاڙڪاڻي کانپوءِ گهوٽڪي ۾ به پريس ڪلب جي سامهون سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ واري معاملي خلاف يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

بک هڙتالي ڪيمپ تي نصرالله ڪلادي، اياز خان شر، محبوب گهوٽو، آصف ملڪ، شائسته ميراڻي، تبسم ملاح، نورين ملاح، شيراز چانڊيو، رياض ڪالادي، رشيد سنڌي، اڪرم ٿهيم ۽ مير حسن لاشاري سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو بک هڙتالي ڪيمپ کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي اها خواهش رهي آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهي پر سنڌ جو عوام سجاڳي ۽ جدوجهد جي ڪري پنجاب جي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي آهي.

هن چيو ته ڊيم سنڌي قوم ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي جو سبب بڻجندو، ڊيم ملڪ جي سالميت جي لاءِ به خطرناڪ هوندو، هن چيو ته سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪو آهي، هن چيو ته جيڪو به واپڊا چيئرمين ايندو آهي ان جو اهو خواب هوندو آهي ته ڊيم ٺاهي ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو رخ تبديل ڪري.

هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي نٿو اچي جنهن ڪري بدين ۽ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين درياهه ڳڙڪائي وئي آهي ۽ هر سال سنڌ جا آبادگار توڙي هاري پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندا رهن ٿا پر ان جي باوجود سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جو شوشو ڇڏيو ويو آهي، هن چيو ته پوري دنيا وارن وڏن ڊيمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر اسان وٽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ کربين روپيا لڳايا پيا وڃن، هن چيو ته اسين سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي ۽ هر ماڻهو تائين پنهنجي آواز کي پهچائي کين آگاهه ڪيو ويندو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ سان سنڌي ماڻهن کي ڪو به فائدو نه پهچندو، هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻ جو شوشو بند نه ڪيو ويو ته يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان سکر، بدين، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بعد ۾ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.