مدئجي ويجهو ڳوٺ پنهور پليجا ۾ معمولي ڳالھ تان پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڇهه ڄڻا زخمي

news

مدئجي: مدئجي ويجهو ڳوٺ پنهور پليجا ۾ معمولي ڳالھ تان پنهور برادري جي ٻن ڌرين ممتاز پنهور ۽ نظر محمد پنهور جي ڌر وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران ڪهاڙين، لٺين ۽ سروٽن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.

جنهن دوران لٺيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 3 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين محمد وارث پنهور، عارف پنهور، سراج پنهور ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو.

اطلاع ملڻ تي مدئجي پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي جهيڙو ختم ڪرايو، جنهن بعد مدئجي پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن سميت ڳوٺ پنهور پليجا تي چڙهائي ڪري جهيڙي ۾ ملوث پنهور برادري جي ٻنهي ڌرين جي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

گرفتار ٿيلن ۾ جمال پنهور، مظهر الدين، مزمل، پرويز، مجاهد، دلشاد، سراج، عبدالقيوم  پنهور، محمد عارف پنهور ۽ ٻيا شامل آهن.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته ٻارن جي معمولي ڳالھ تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن دوران ڪجھ زخمي ٿيا آهن، جهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاء پوليس اٽالن پاران ڳوٺ تي ڪارروائي ڪري ٻنهي ڌرين جا  ڪجهه ماڻهو  گرفتار ڪيا آهن، وڌيڪ ڪارروائي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڪئي ويندي.