پني عاقل لڳ ڍنڍ ۾ ڪراچي واسي نوجوان ٻڏي فوت

news

پنوعاقل: پني عاقل لڳ ڍنڍ ۾ ٻڏي ڪراچي واسي نوجوان فوت ٿي ويو.

25 ورهين جو ڪامران آرائين ڳوٺ چونگها ۾ ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش پني عاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

فوتي نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڪامران ڪراچي کان پني عاقل فوتگي تي مائٽن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو هو، ڍنڍ جي ڪناري تي ويهي ڪنڊي ذريعي مڇي ماري پيو ته اونهي پاڻي ۾ هليو ويو جنهن ۾ ٻڏي فوت ٿيو.