ٽنڊوڄام ۾ ريلوي انتظاميه جي نااهلي سبب ريل جي پٽڙي تي ٻيهر غير قانوني مال پڙي قائم، علائقي واسي پريشان

news

ٽنڊوڄام: ريلوي انتظاميه جي نااهلي سبب ريل جي پٽڙي تي ٻيهر غير قانوني مال پڙي قائم، واپارين ۽ گراهڪن جي رش. علائقي واسي پريشان.

خبر موجب لاڪ ڊائون سبب ريلوي ٽريڪ تان ختم ڪيل غير قانوني مال پڙي ريلوي انتظاميه جي نااهلي سبب واپارين پاران ريلوي ٽريڪ تي ٻيهر قائم ڪئي ويئي. جنهن ۾ واپارين ۽ گراهڪن جي وڏي رش لڳل رهي. مال پڙي سبب آسپاس جا دوڪاندار ۽ علائقي واسي سخت مشڪلات جو شڪار رهيا ۽ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو پڙي لڳائڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ پڻ جام ٿي ويو. جڏهن ته پڙي لڳڻ سبب علائقي ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن.

انهي سلسلي ۾ علائقي واسين ۽ دوڪاندارن جو چوڻ آهي ته ريلوي انتظاميه جي نااهلي سبب ڪيترن ئي سالن کان هر جمعي تي ريلوي ٽريڪ تي مال پڙي قائم ڪئي پيئي وڃي. جنهن سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام رهي ٿي ۽ اسان جو ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿئي ٿو.

هنن ريلوي جي وفاقي وزير ۽ اعلى اختيارين کان غير قانوني مال پڙي قائم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي، انهي کي ريلوي ٽريڪ تان ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.