جيڪب آباد بدامني جي باهه ۾ وڪوڙجي ويو، چور ڊاڪٽر جو گھر چور ٻھاري ويا

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد بدامني جي باهه ۾ وڪوڙجي ويو، رات دير سان ٽرانسفارمر سڙڻ بعد مائٽن جي گھر ويندڙ ڊاڪٽر جو گھر چور ٻھاري ويا، 25 تولا سون، 6 لک روڪ ۽ قيمتي سامان چوري، پوليس چور ھٿ ڪرڻ بدران گھرڌڻين تي شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو.

جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد گولا اسٽريٽ ۾ نامعلوم چور ڊاڪٽر عبدالوھاب پٺاڻ جي گھر ۾ گھڙي 25 تولا سون، 6 لک روڪ ۽ قيمتي سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا چوري جي اطلاع تي پوليس پھچي معائنو ڪرڻ بعد واپس ھلي وئي.

گھر ڌڻي ڊاڪٽر عبدالوھاب پٺاڻ ٻڌايو ته رات ھڪ وڳي ٽرانسفارمر سڙي ويو جنهن کانپوءِ گھر بند ڪري فيملي سميت مائٽن ڏانهن وياسين ڏينهن جو واپس آيا سي ته گھر الماڙي ڀڳل ٽٽل ھئي چور 25 تولا سون، 6 لک روڪ رقم چوري ڪري ويا آهن واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪئي وئي جنهن بعد ايس ايڇ او معائنو ڪري ھليو ويو.

ان بابت ايس ايڇ او ايئرپورٽ امان الله سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوري مشڪوڪ لڳي پئي مائٽن جي گھر ويندڙ ڊاڪٽر جي گھر جا تالا ٽٽل ناهن شڪ آهي ته چوري ۾ گھر جو ڪو فرد يا رشتيدار ملوث ٿي سگهي ٿو وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا.