شهباز شريف جي خلاف واضح ثبوت اچي چڪا آهن، ڪيس ۾ هاڻ ڪو ابهام ناهي: وزيراعظم

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان شهباز شريف جي خلاف واضح ثبوت اچي چڪا آهن، ان جي خلاف ڪيس ۾ هاڻ ڪو ابهام ناهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال سميت سياسي ۽ معاشي معاملن تي انهن کي بريفنگ ڏني وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ بابت ۽ کنڊ انڪوائري رپورٽ متعلق به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جو کنڊ اسڪينڊل تي جاچ ۽ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ تاريخي قدم آهي.

وزيراعظم چيو ته مافياز سياست کي ڪاروبار بڻائي رکيو آهي، سياسيت ۾ رهي ڪري ڪرپٽ سياستدان مافياز جي مدد ڪندا آهن. هن جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي خلاف واضح ثبوت اچي چڪا آهن، ان جي ڪيس ۾ هاڻ ڪو به ابهام ناهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ کي ايتري عرصي کان ڦريو پئي ويو، ڪنهن توجهه نه ڏني، مون کي عوام ۽ ڪمزور طبقي جي فڪر آهي، ڪورونا تي حڪومت بهترين قدم کنيا آهن. ڪورونا جي صورتحال سان معاشي عدم استحڪام پيدا ٿيو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.