پنجاب اسيمبلي ميمبر ڪورونا جو شڪار، سندس گهر واري ڊينگي ۾ مبتلا

news

لاهور: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع) پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ(ن) جو ميمبر مظفر علي شيخ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي جڏهن ته سندس گهر واري ڊينگي  ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

حافظ آباد مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبر مظفر شيخ جي وارثن موجب سندس گهر واري جو 10 ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو  جنهن سبب هو ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي.

وارثن موجب اسپتال انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو ته هتي مڇر تمام گهڻا آهن پر انهن مڇرمار اسپري نه ڪيو جنهن سبب هو ڊينگي ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته اسپتال انتظاميه جي نااهلي سبب مظفر علي شيخ جي گهر واري جي زندگي کي سخت خطرا پيدا ٿي ويا آهن.