ماهره ۽ مهوش حيات عظميٰ خان جي حق ۾ آواز اٿاري ڇڏيو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع) اداڪاره هانيه عامر کان پوءِ مهوش حيات ۽ ماهره خان به اداڪاره عظميٰ خان جي حق ۾ اڳيان اچي ويون آهن. پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره عظميٰ خان ۽ ان جي ڀيڻ هما خان تي تشدد جي معاملي پوري سوشل ميڊيا کي هلائي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته فنڪار برادري به عظميٰ خان سان ڪيل سلوڪ تي سندس حمايت ۾ اڳيان اچي وئي آهي. اداڪاره ماهره خان عظميٰ خان جي معاملي تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ٻن مختلف معاملن تي بحث هلي رهي آهي هڪ پنهنجي زال کي ڌوڪو ڏيڻ واري شخص جي بيوفائي جو موضوع آهي جنهن تي ڪوبه شخص پنهنجي صحيح هوش حواس ۾ ان جي حمايت ۾ اڳيان نٿو اچي سگهي. جڏهن ته ٻيو موضوع آهي ته ڪهڙي طرح طاقتور ڪجهه به ڪري اڳيان نڪري ويندو آهي.

ماهره خان وڌيڪ چيو ته مان هميشه احتساب سان گڏ بيٺل هوندي آهيان. اميد ڪريان ٿي ته هن زمين تي اسان سڀني سان قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. ماهره خان کان علاوه مهوش حيات به عظميٰ خان جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي.

هن ٽوئٽر تي چيو آهي ته اچو ته اخلاقي ۽ قانوني مسئلي ۾ فرق ڪڍون. ٻه  غلط ملي ڪڏهن به صحيح نٿا ٿي سگهن پنهنجي گهر تي سلامتي جو حق قانون ۾ شامل هڪ بنيادي انساني حق ۽ اهو عهديدارن جي لاءِ هڪ حقيقي امتحان آهي. جنهن کي اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي.