ڄام نواز علي: نئون آباد ڀرسان مال چاريندڙ ڏهه سالا نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت

news

ڄام نوازعلي(رپورٽ:خالد انور مگسي) مال چاريندڙ 10 سالن جو نينگر پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.

 نئون آباد ڀرسان ڳوٺ وريام ناريجو ڀرسان مال چاريندڙ ڌنار 10 سالا نينگر مير محمد ولد محمد خان ناريجو پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.