پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر شيخ رشيد سان شادي جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع)  پاڪستاني فلم انڊسٽري ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره عائشه عمر چيو آهي ته دنيا ۾ سمورا مرد ختم ٿي وڃن ۽ صرف قائم علي شاهه، چوڌري شجاعت، رانا ثناءُالله ۽ شيخ رشيد بچن ته مان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان شادي ڪندس.

هڪ انٽرويو ۾ مشهور ماڊل ۽ اداڪاره عائشه عمر کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن آفت سبب دنيا جا سمورا مرد ختم ٿي وڃن ۽ صرف قائم علي شاهه، چوڌري شجاعت حسين، رانا ثناءُالله، طاهرالقادري ۽ شيخ رشيد بچن ته اوهان شادي لاءِ ڪنهن کي چونڊ ڪندو.؟ جنهن تي عائشه عمر چيو آهي ته مان شيخ رشيد جي چونڊ ڪندس ڇو ته شيخ رشيد هڪ بهترين طبيعت ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ آهي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته ماڻهو شادي ان لاءِ ڪندا آهن ڇو ته کين ٻار گهرجن. جڏهن ته مان اڃان پاڻ ٻار آهيان ۽ منهنجو اڃان شادي جو ڪوبه ارادو ناهي.

عائشه عمر وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ لڳندو آهي ته شادي زندگي سنواري ٿي. اصل ۾ شادي زندگي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. مون کي هن وقت شادي جي ضرورت ناهي. مان ته اڃان ٻار آهيان جڏهن شادي ڪندس ته سڀني کي ٻڌائيندس. هن ملڪ ۾ مرد ۽ عورت ملازمن جي پگهارن ۾ فرق جي معاملي تي به ڳالهيون ڪندي چيو ته عورتن کي مردن جي مقابلي ۾ گهٽ پگهار ملندي آهي پر شوبز انڊسٽري ۾ ڪيترائي ڀيرا عورتن کي مرد اداڪارن کان وڌيڪ معاوضو ملندو آهي.

عائشه عمر ميشا شفيع کي بهادر عورت قرار ڏنو ۽ چيو آهي ته پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ به ڀارتي انڊسٽري جي جي اداڪار الوڪ ناٿ جهڙا تمام گهڻا ماڻهو آهن ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته شوبز انڊسٽري ۾ به عورتن کي هراسان ڪيو ويندو آهي.