ماضي ۾ اسمگلنگ لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جو سهارو ورتو ويو: اڳوڻي ڪپتان جو انڪشاف

news

ڪراچي: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع) پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اولمپين حنيف خان انڪشاف ڪيو آهي ته 1983ع ۾ اسمگلنگ جي لاءِ قومي ٽيم جو سهارو ورتو ويو.

هڪ انٽرويو دوران اڳوڻي ڪپتان حنيف خان الزام هنيو آهي ته 1983 ۾ ٽيم جو ڪپتان هئس ۽ پاڪستان جي ٽيم هانگ ڪانگ کان ملڪ واپس اچي رهي هئي ته سامان ۾ گاڏين جا پارٽس، عينڪن جا فريم ۽ وي سي آر شامل هئا.

اڳوڻي اولمپين ٻڌايو ته هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي ئي اسمگلنگ جو سامان پاڪستان هاڪي ٽيم جي سامان سان گڏ روانو ڪيو ويو ۽ ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين پاڪستان  هاڪي ٽيم کي اسمگلنگ جي سامان بابت آگاهه ڪيو. حنيف خان چيو آهي ته ان وقت اسمگلنگ جي سامان جي لاڳت تقريبن هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ روپيه هئي. 

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن جاچ ٿي ته ان ۾ ٽيم  جا ڪجهه آفيشلز ملوث هئا پر پاڪستان جو نالو وڌيڪ بدنام ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ  ڪيس کي دٻايو ويو.