ٽينس اسٽار راجر فيڊرر دنيا جو امير ترين رانديگر بڻجي ويو

news

لاهور: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع)  ٽينس اسٽار راجر فيڊرر ڪمائي جي لحاظ کان دنيا جو امير ترين رانديگر بڻجي ويو آهي.

مشهور اخبار فوربز جي 2020 جي سالياني رپورٽ موجب ٽينس اسٽار راجر فيڊرر جي آمدني فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ لائنل ميس کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. ڪنهن ٽينس رانديگر پهريون ڀيرو هن لسٽ ۾ پهرين پوزيشن ورتي آهي.

راجر فيڊرر جي آمدني 159.5 ملين ڊالر تائين پهچي وئي آهي. ڪرسٽيانو رونالڊو 157.5 ملين ڊالر سان ٻئي ۽ لائنل ميس 156 ملين ڊالرز سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي. برازيلين فٽبالر نيمار 143 ملين ڊالر ڪمائي ۾ ڪامياب رهيا.

پنجين نمبر تي باسڪٽ بال جي رانديگر لي بورن جيمز آهي. جنهن جي آمدني 132 ملين ڊالرز ظاهر ڪئي وئي آهي. ڇهين پوزيشن باسڪٽ بال رانديگر سنيفن ڪيري وٽ آهي. هن 112 ملين ڊالرز پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا آهن.