جوهي ۾ هٿياربند همراهه کان موٽرسائيڪل ڦري فرار، اين سي داخل

news

جوهي (رپورٽ: مشتاق رودناڻي) جوهي ۾ حاجي خان روڊ وٽ هٿياربندن پاران محمد هاشم مري کي روڪي سندس هٿ پير ٻڌڻ بعد موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن.

 جوهي ٿاڻي تي ڳوٺاڻي هاشم مري ٻُڌايو ته هو ننگر داريو کان جوهي اچي رهيو هو ته پنج هٿياربندن سندس رستو روڪي کيس مارڪٽ ڪرڻ بعد هٿ پير ٻڌي موٽر سائيڪل ڦُر ڪري ويا آهن, جنهن جو پيرو جوهي لڳ ڳوٺ ولواڻي جمالي ۾ لڳو جتان پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

 پوليس موجب ڳوٺاڻي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.