نوازشريف سميت سڄي ڪابينه ايٽمي ڌماڪن جي خلاف هئي: شيخ رشيد

news

لاهور: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سڄي قوم کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نوازشريف سميت سڄي ڪابينه ايٽمي ڌماڪن جي خلاف هئي ايٽمي ڌماڪا راجا ظفرالحق، گوهر ايوب ۽ مون ڪيا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سڄي قوم کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ايٽمي ڌماڪا راجا ظفرالحق، گورنر ايوب ۽ مون ڪيا. نوازشريف سميت سڄي ڪابينه ايٽمي ڌماڪن جي خلاف هئي. ايٽمي ڌماڪن جي وقت منهنجي ڊيوٽي اهڙي هئي جو مون کي ٻاهر وڃڻو پيو. ڊاڪٽر عبدالقدير جي مسئلي تي مان اهو واحد ماڻهو هئس جيڪو ايران به ويو ۽ قذافي سان به مان ئي ملڻ ويو هئس. شيخ رشيد چيو ته ايندڙ 90 ڏينهن اهم آهن، ان 90 ڏينهن ۾ 6 اهم شيون ٿيڻيون آهن. شريفن، گيلانين ۽ زردارين جهڙي طرح ملڪ کي ڦريو آهي ان جو ڪوبه مثال ناهي.

عمران خان جي بيان تي عمل ضرور ٿيندو. اڄ به يقين رکان ٿو ته ڪرپٽ ماڻهن کي معاف نه ڪيو ويندو. پاڪستان جو رت چوسيندڙن کي معاف نه ڪندس اها منهنجي سياسي سوچ آهي جيڪا غلط به ٿي سگهي ٿي. قوم عمران خان کان اميد رکي ٿي ته هو اٽي چورن ۽ کنڊ چورن جي خلاف  ڪارروائي ڪندو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو ڪيس سنجيده نوعيت جو آهي.

وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪورونا سان گڏ هلڻو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا پکڙجي رهيو آهي وزيراعظم ڪورونا وبا دوران جيڪيي قدم کنيا آهن اهي قوم جي ضرورت هئا. وڌيڪ 5 ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسان هر صورت ۾ ايس او پي تي عمل ڪنداسين. اسان پهريان ئي خساري ۾ آهيون. چئني صوبن کي اسان گڏ ڪيو آهي ته جيئن ڪو وڏو اسٽيشن نه رهي. پنجاب جي وڏي وزير کان درخواست ڪئي آهي ته لاهور کي هفتي ۾ 3 ڏينهن جي بجاءِ 2 ڏينهن بند ڪيو وڃي. جڏهن کان مان پيدا ٿيو آهيان منهنجي پويان ايجنسيون لڳل آهن پاڪستان ريلوي گذريل 2 سالن کان هڪ روپئي جي خريداري ناهي ڪئي.

ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان جي فوج 72 ڪلاڪن ۾ ڀارت جا 2 ڊرون ڪيرايا. سرحدن تي ڪنهن للڪاريو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ ٿي ته اها آخري جنگ هوندي. ڀارت پاڪستان سان سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو پر چين سان نٿو وڙهي سگهي. چين اسان جو تمام سٺو دوست آهي. هي قوم چين سان گڏ بيٺل آهي.