سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي متاثر مريضن جو انگ سٺ لک ٽيٽيهه هزار کان وڌي ويو

news

نيويارڪ: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 60 لک 33 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ 3 لک 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ڇڪا آهن جڏهن ته 26 لک 61 هزار کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب به ٿي ويا آهن.

آمريڪا ۾  ڪورونا سبب فوتين جو انگ هڪ لک چار هزار کان وڌي ويو آهي ۽ ڪورونا جي مريضن جو انگ 17 لک 93 هزار  کان به وڌي ويو آهي. برازيل، آمريڪا کان پوءِ چار لک کان وڌيڪ ڪورونا جي ڪيسن وارو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ ڪيسن جو انگ چار لک 66 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 27 هزار کان وڌيڪ مريض فوت ٿي چڪا آهن.

برطانيه ۾ 2 لک 71 هزار کان وڌيڪ ڪورونا وائرس جا مريض آهن ۽ 38 هزار  هڪ سئو کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن. برطانيه ۾ ڪورونا ٽيسٽ اينڊ ٽريس سسٽم  لا کي ڪورونا جي مريضن سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ملاقات ڪندڙ سمورن ماڻهن کي ٽريس ڪري آئسوليٽ ڪيو ويندو.

روس ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 92 ڄڻا  فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 4 هزار 300 کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 3 لک 87 هزار کان وڌي ويو آهي. اٽلي ۾ ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 92 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 33 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2 لک 32 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

فرانس ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 28 هزار 7 سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 86 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

ڪورونا سبب اسپين ۾ وڌيڪ 74 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 85 هزار  کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن.

وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي اسپين ۾ حڪومت خلاف مظاهرا جاري آهن. مظاهرين ٿانو وڄائي حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.