ڪورونا جي ويڪسين آڪٽوبر جي آخر تائين تيار ٿي ويندي: آمريڪي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي دعويٰ

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 30 مئي 2020ع) آمريڪي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين هن سال آڪٽوبر جي آخر تائين تيار ٿي ويندي.

آمريڪي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني فائزر جي سي اي او البرٽ بورلا چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون بهتر رهيون ۽ ويڪسين فائديمند ثابت ٿي ته آڪٽوبر جي آخر تائين ويڪسين سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. فائزر هڪ جرمني ڪمپني جي مدد سان يورپ ۽ آمريڪا ۾ ويڪسين تيار ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ڪري رهي آهي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي مدد سان تحقيق ڪندڙ هڪ ٻئي ڪمپني به سال جي آخر تائين ويڪسين تيار ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي رپورٽ موجب ويڪسين ٺاهڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ ڊوز تيار ڪرڻ به هڪ چيلنج هوندو.

واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ 100 کان وڌيڪ ليبارٽريون ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جن مان هينئر تائين 10 ئي ڪلينيڪل ٽرائل جي مرحلي تائين پهچي سگهيون آهن. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سال جي آخر تائين ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ ممڪن نه هوندو.