سڪرنڊ: شهرين جو پوليس جي ظلم خلاف احتجاج، ڊي ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو

news

سڪرنڊ :( رپورٽ مشتاق سولنگي) سڪرنڊ جي DSP الطاف آرائين جي ڏاڍاين، شريف شھرين تي بيجا ۽ سخت تشدد ڪرڻ جي خلاف سڪرنڊ جي سياسي , سماجي, واپارين ۽ شھرين تي مشتمل ايڪشن ڪاميٽي پاران سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو جي اڳواڻيءَ ۾ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي 9:00 بجي کان 12:00 بجي تائين ٽي ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي ـ اڳواڻن آن لائين انڊس ٽي وي  سان ڳالھائيندي  چيو ته ڪورونا وائرس سبب ڪيل لاڪ  ڊائون دوران DSP سڪرنڊ الطاف آرائين  جوڪردار عوام دشمنيءَ تي مبني آھي.

 الطاف آرائين شريف شھرين جي عزت نفس جو ڪو خيال نٿو ڪري، ھو بيگناھ ماڻھن تي لٺيون وسائي ٿو، رات جي اوندھ ۾ گھرن ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪري ٿو ۽ انتھائي گھٽيا ۽ بداخلاق زبان استعمال ڪري ٿو.

ھن شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، اڳواڻن چيو ته ڊي ايس پي الطاف آرائين سڪرنڊ جي عوام لاءِ ڪنھن عذاب کان گھٽ ناھي انڪري اعلي اختياريون عوام جي ھن احتجاج کي نوٽ ڪن ۽ فوري طور تي ڊي ايس پي الطاف آرائين کي ھٽائي عوام مٿان ڪڙڪيل قھر کي ختم ڪيو وڃي.

 علامتي بک ھڙتال ۾ خير محمد چنا، گل محمد ڪيريو، محمد مراد خانزاده، مير عبدالمجيد مگسي، مجيد عباسي، پپو سونارو، عبدالرشيد پرھيار, محمد رفيق خانزاده، عبد الصمد گبول ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.