ڪابل ۾ بم ڌماڪي سبب ٽي وي چينل جو صحافي مارجي ويو

news

ڪابل: (آچر 31 مئي 2020ع) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ بم ڌماڪي سبب ٽي وي چينل جو صحافي مارجي ويو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڌماڪي ۾ هڪ مني بس کي نشانو بنايو ويو جيڪا خورشيد ٽي وي چينل جي ملازمن کي کڻي وڃي رهي هئي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڏماڪي ۾ خانگي ٽي وي چينل جي صحافي اويس جو ڊرائيور مارجي ويو. ٻئي طرف افغان حڪومت قومي مفاهمي اعليٰ ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله کي طالبان سان ڳالهين جي لاءِ سربراهه مقرر ڪيو آهي.

هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ ڪامياب جنگبندي کان پوءِ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون.