چوهڙجمالي: ڪورونا جو وڌيڪ مريض ظاھر، ماءُ به وائرس جو شڪار

news

چوهڙجمالي ( رپورٽ : محمد علي جتوئي) ڏينھن اڳ چوهڙجمالي شهر جي وارڊ 6 جي رهواسي ايس آئي يو ٽي ڪراچي ۾ داخل ٿيل گڙدن جي ڊائيلاسز پيشنٽ عبدالرزاق ولد يار گل پٺاڻ کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي ھئي.

وائرس ظاهر ٿيڻ بعد سندس فيملي جي 4 گهر ڀاتين جي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا ھئا جن مان ڪورونا ۾ ڄاڻايل عبدالرزاق جي والده مسمات بيبي بنگا زال يار گل کي ڪورونا ھجڻ جي تصديق ٿي ويئي آهي کيس سندس گھر ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي باقي گھر جي ٽن ڀاتين جي رپورٽ منفي آئي.