نصيرآباد: وابڊا انتظاميا خلاف ۽ بنيادي مسئلن جي حل ڪاڻ سجاڳ شهري اتحاد جو سورهين ڏينهن به احتجاج

news

نصيرآباد( رپورٽ:انور منگي) بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ, سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ, واڌو بل موڪلڻ, ٽرالي ٽرانسفارمر جو نه هجڻ، پراڻيون تارون تبديل نه ڪرڻ، مٺي پاڻي جي اڻاٺ ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاء سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد طرفان اتحاد جي صدر منصور سومرو، فقير علي گل ڪانڌڙو، رفيع لغاري، محمد ٽڳڙ ياسين چانڊيو، رب رکيو اوڍاڻو، دلدار ايري، ضمير مغيري، سيد اختر شاهه، صوفي غفار چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي شاه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ڊي او واپڊا رشيد شيخ مڪمل طور تي شھر دشمن بڻجي چڪو آھي جيڪو شھر جي مختلف محلن اندر چندا خور ڪميٽيون مقرر ڪري ڇڏيون آھن، جيڪي غريب شھرين سان ناجائزين جي انتها ڪن ٿيون, بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جي ڪري واٽر سپلائي جي پاڻي جي رسد مڪمل طور تي غير فعال ٿي وئي آھي.

 يارنهن هزار تارون ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي، ڪنهن به وقت جاني نقصان جو انديشو آھي. تنهنڪري شھرين مطالبو ڪندي اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته  فوري طور يارنهن هزار جون تارون تبديل ڪيون وجن، هن نااهل ايس ڊي او واپڊا کي فوري طور تي هٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شھري سک جو ساهه کڻي سگهن.