نئون ڪوٽ: نصير چانڊيو جي قتل خلاف شهرين جو ڌرڻو، ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

news

نئون ڪوٽ(رپورٽ:پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ستار چانڊيو تي نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي سکن ٿاڻي جي پوليس چڙهائي ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس نصير چانڊيو کي مارڻ واري واقعي خلاف جھڏو جي تمام سياسي سماجي تنظيمن عوامي تحريڪ جسقم ايس ٽي پي ۽ چانڊيا برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن جهڏو پيالا هوٽل کان احتجاجي ريلي ڪڍي مين ناڪي ميرپورخاص مٺي روڊ جهڏو  تي وڏي انگ ۾ هزارين ماڻهن گڏجي ڌرڻو هنيو.

 ڌرڻي ۾ موجود سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس ايس پي ميرپورخاص جي جاچ رپورٽ کي رڌ ڪندي ايس ايس پي ميرپورخاص کي هٽائڻ ۽ نئون ڪوٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او راڻا راٺوڙ ۽ ڪراچي سکن ٿاڻي جي انسپيڪٽر حسيب رحمان تي ڪيس داخل ڪري نصير چانڊيو جي خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.