news
نوابشاھ

نوابشاهه: ريگل چوڪ ڀرسان هڪ گهر مان لاش هٿ

نوابشاهه)رپورٽ:فدا چانڊيو) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ريگل چوڪ ڀرسان 40 ورهين جي شخص جو لاش گهر اندر ٺهيل ڪمري ۾ پيل هيو، گهر مان بدبوءِ اچڻ تي پاڙي وارن سعيد ۾ آباد ۾ رهندڙ فوتي جي وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد فوتي جا وارث پهتا جن ايئرپورٽ پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس لاش ۾ بدبدوءِ هجڻ جي ڪري لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 هوڏانهن فوتي شخص جي سڃاڻپ غلام مصطفيٰ مغل طور ٿي آهي، فوتي جي وارثن ٻڌايو ته غلام مصطفيٰ مغل ڪافي وقت کان ان گهر ۾ اڪيلو رهندو هو ۽ منشيات به واپرائيندو هو ۽ اسان کي پاڙي وارن اطلاع ڏنو ته گهر مان بدبوءِ اچي پئي ۽ جڏهن اسان پهتاسين ته غلام مصطفيٰ مغل جو لاش پيل هيو.

هنن چيو ته اسان پوليس کي اطلاع ڏنو ليڪن پوليس لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.