مبارڪپور ۾ سماجي اڳواڻ سيد ساجد علي شاه جو چاچو سيد غوث علي شاه لاڏاڻو ڪري ويو

news

مبارڪپور( رپورٽ:مهر قربان علي) مبارڪپور ويجهو ڳوٺ لائق شاه جو رهواسي سماجي اڳواڻ سيد ساجد علي شاه جو چاچو سيد غوث علي شاه خانپور ۾  لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي ٽيجهي جي دعا ۾ پ پ ايم اين اي عابد حسين ڀيو، افضل آرائين، شيعا علماء ڪائونسل شڪارپور جو صدر علي احمد ٻرڙو، مولانہ عبدالمجيد بشتي، زوار دائود شر، ۽ ٻين مرحوم جي وارثن سيد لائق علي شاه، سيد محمد پريل شاه، سيد مراد علي شاه، سيد امام علي شاه.سيد ساجد علي شاه سان تعزيت ڪئي.