ٽنڊوڄام: حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي تيز رفتار ڪار وڻ سان ٽڪرائجي ويئي، ٽي ڄڻا زخمي

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڳوٺ مشتاق ڪليري وٽ عمرڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سليم راهمون سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.