سڪرنڊ:ڊي ايس پي کي هٽائڻ لاءِ شهرين جو ٻئين ڏينهن به احتجاج

news

سڪرنڊ : ( رپورٽ مشتاق سولنگي(ڊي ايس پي سڪرنڊ الطاف آرائينءَ پاران عوام سان  ڏاڍاين خلاف ٻئين ڏينھن به شھر جا غيور ماڻھو سراپا احتجاج ڪندي نظر آيا.

 سڪرنڊ جي سياسي سماجي واپارين تنظيمن ۽ شھرين پاران جوڙيل DSP ھٽايو ايڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي ايس پي سڪرنڊالطاف آرائينءَ پاران عوام تي ڪيل وحشياڻي تشدد , غير مھذباڻي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ قانون جي ناجائز استعمال خلاف صحافي چوڪ سڪرنڊ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڊي ايس پي سڪرنڊ الطاف آرائين ڪنھن به صورت ۾ قبول نه آھي ان کي ھٽائي پوءِ ساھ پٽينداسين.

 ھنن چيو ته  پوليس جي ذميداري قانون جي پاسداري ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ ھوندي آھي پر ھي بدمست ڊي ايس پي الطاف آرائين قانون جي سڌي ڀڃڪڙي ڪندي غريب عوام تي لٺيون وسائي ٿو ۽ گٿا لفظ استعمال ڪري ٿو جنھن عمل کي اسان سندس انتھائي گھٽيا سوچ سمجھون ٿا.

 ھنن ميڊيا جي توسط سان اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊي ايس پي الطاف آرائين کي فورن ھٽايو وڃي ۽ سڪرنڊ جي عوام کي عزت سان جيئڻ ڏنو وڃي.

 ٻي صورت ۾ ھي احتجاج وڌي سگھي ٿو، علامتي بک ھڙتال واري ڪئمپ تي سڪرنڊ جي سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.