سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي مقرري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (اربع 15 سيپٽمبر 2021ع) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي مقرري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي مقرري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيئرمين نيب جوڊيشل آفيسر ناهن هوندا، اوهان جي ڪوشش جي تعريف ڪريون ٿا ته اوهان آئيني نڪتو اٿاريو، اوهان درخواست ۾ آئيني ترميم کي به چيلنج ڪيو آهي. اوهان چئو ٿا ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر ريٽائرڊ سول سرونٽ آهي. ريٽائرڊ بيورو ڪريٽ کي چيف  اليڪشن ڪمشنر نٿو لڳائي سگهي پر آئين موجب ڪنهن  به آئيني ترميم کي چيلنج نٿو ڪري سگهجي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کان پڇاڻي جي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اوهان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ چيف جسٽس سان صلاح مشورا ٿيڻ گهرجن. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ نيب چيئرمين جوڊيشل آفيسر ناهن هوندا. اليڪشن  ڪميشن ۾ ڪوبه حاضر سروس جج بطور ميمبر ڪم نه پيو ڪري. ٻڌايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن ۾ حاضر سروس ججز ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن ڪوبه حاضر سروس جج ناهي ته پوءِ ڳالهه ئي ختم ٿي وئي.

سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جي اعتراضن کي برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪمشنر سميت ميمبرن جي مقرري اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي ٿيندي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي خلاف پڪا ثبوت نه آهن. اليڪشن ڪمشنر سميت ميمبرن جي مقرري اهليت ۽ قابليت جي بنياد تي ٿيندي آهي.