ميرپور ماٿيلو: آبادگارن پاران نرلي مائينر ۾ پاڻي نه ڇڏڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) نرلي مائينر جا آبادگار پاڻي کوٽ خلاف ميرپورماٿيلو پھچي ٻي ڏينهن به ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق شر، لطف ميان شر، محمد نواز شر ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملو وڏن بااثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڇڏيندا آھن، جنھن سبب نرلي مائينر جا پوڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ اڃ مري رهيا آهن ۽ ھزارين ايڪڙ زرعي زمين سڪي تباهه ٿي ويئي آھي، اسان جو چوپايو مال به اڃ مري ٿو. ھنن چيو ته علائقي ۾ جر به کارو ٿي ويو آھي.

ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته نرلي مائينر ۾ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئين اسين سک جو ساهه کڻي سگھون.