افغانستان جي شهر قنڌار ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، سورنهن ڄڻا مارجي ويا، ٻٽيهه کان وڌيڪ زخمي

news-details

ڪابل: (جمعو 15 آڪٽوبر 2021ع) افغانستان جي شهر قنڌار ۾ ڌماڪي سبب 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 32 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب افغانستان جي ڏاکڻي شهر قنڌار جي مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڄڻن جي مارجي وڃڻ جو امڪان آهي.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڌماڪي واري جڳهه تي امدادي ڪارروايون جاري آهن. افغان گهرو وزارت جي ترجمان قاري سعيد خوستي چيو آهي ته اختياريون ڌماڪي جا تفصيل گڏ ڪري رهيون آهن.
مقامي صوبائي ڪائونسل جي هڪ اڳوڻي ميمبر نعمت الله وفا ٻڌايو آهي ته مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ ڳرو جاني نقصان ٿيو آهي في الحال ڪي به تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
اکين ڏٺن شاهدن موجب قنڌار جي مسجد ۾ هڪ ٻئي پٺيان 3 ڌماڪا ٿيا آهن جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان آهي.