جيڪب آباد ۾ پنج ٻارن جو پيءُ واهه ۾ ٻڏي فوت

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جيئل شاهه پاڙي جو رھواسي 5 ٻارن جو پيءُ قربان سرڪي ڌيرڻ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.
جڏهن ته اھڙي اطلاع تي وارث پهچي لاش ڪڍرائي گهر پهتا ته قهرام مچي ويو.
ان سلسلي ۾ فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته فوتي قربان سرڪي گهران کير وٺڻ لاءِ نڪتو جيڪو پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.