مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ٽن ڏينهن جو ميوٽ گالا ميلو شروع ٿي ويو

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) درسگاهن جي شهر ڄامشورو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ٽن ڏينهن جو ميوٽ گالا ميلو شروع، ميلي جو افتتاح مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪيو.
افتتاحِي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر داڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته شاگردن جي سکيا ۽ تربيت لاءِ هن قسم جا ميلا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وائيس چانسلر چيو ته ميوٽ گالا جي انتظامن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجون قائدانه صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته بهتر انسان ٿيڻ لاءِ صرف ڪلاس روم جي پڙهائي نه پر زندگي جو باقي ڪاروهنوار به سمجهڻ ضروري آهي. هن چيو ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ، هڪٻئي جي لاءِ احترام جو رشتو جوڙڻ جهڙا سماجي گڻ اهڙين تقريبن ۾ سکبا آهن. وائيس چانسلر چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن جون ڪاميابيون ئي مهراڻ جون ڪاميابيون آهن. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي نه صرف بهتر انجنيئر پر سماج لاءِ بهتر انسان پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي سنڌ ۽ ملڪ جي ڪيترين ئي مثبت روايتن ۾ نمائنده يونيورسٽي آهي. ميوٽ گالا ڄامشوري جي يونيورسٽين ۾ وڏي ۾ وڏو ميلو آهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ملڪ ۾ پنهنجي ڪم سان سڃاتي ويندي آهي، مهراڻ ملڪ جي ٽاپ انجنئيرنگ يونيورسٽي آهي.
افتتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، رجسٽرار مهراڻ يونيورسٽي لڇمڻ داس سوٽهڙ، فيڪلٽيز جي ڊينز، مهراڻ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
ياد رهي ته ميوٽ گالا ۾ ڪتابن، کاڌي پيتي، ثقافتي لباس، راندين، رت جي عطئي جي ڪئمپ، ڪوڊ-19 کان بچاءُ جي وئڪسين سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تفريح ۽ خريداري لاءِ 70 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا آهن. ميلي جي پهرئين ڏينهن مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، شهيد الهه بخش سومرو آرٽ اينڊ ڊزائن يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول سميت آس پاس جي تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ اسٽالن جو دورو ڪيو.