جيڪب آباد ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪارروائي، چار دڪاندار گرفتار

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف عوامي شڪايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد شهزاد احمد روينيو عملدارن ۽ زراعت کاتي جي عملدارن سان گڏجي ڀاڻ مارڪيٽ ۾ ڇاپا هڻي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن وجي ڪمار، سنجي ڪمار، دليپ ڪمار سميت چئن ڊيلرن کي گرفتار ڪرائي دڪان سيل ڪري ڇڏيا.
ٻئي پاسي ڪوئٽه روڊ الرمضان پيٽرول پمپ ڀرسان زراعت کاتي جي عملدارن ھڪ گودام تي ڇاپو ھڻي سوين ٻوريون يوريا ڀاڻ جون ھٿ ڪيون. ھڪ بااثر جي مداخلت تي ڏيتي ليتي بعد زراعت کاتي جي عملدارن گودام کي سيل ڪرڻ ۽ ڀاڻ کڻڻ بنا واپس ھليا ويا.
ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھزاد احمد جو چوڻ ھو ته يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي شڪايت تي زراعت کاتي جي عملدارن سان گڏجي ڀاڻ مارڪيٽ ۾ ڪارروائي ڪري بليڪ تي وڪرو ڪندڙن چئن ڊيلرن کي گرفتار ڪرائي دوڪان سيل ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين گرفتار ڀاڻ ڊيلرن مٿان ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.