بدين پوليس جون ڪارروائيون، سورهن جوابدار گرفتار

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) ٽنڊو الهيار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪچي شراب واپرائڻ سبب ٿيل فوتگين بعد بدين ضلعي ۾ پڻ ڪچي شراب جي بٺين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.
ان ڏس ۾ ايس ايس پي شاهنواز چاچڙ جي سخت هدايتن بعد ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي ۽ ڀرپاسي ۾ ٽن ڪچي شراب جي بٺين تي ڇاپا هڻي 843 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري 7 جوابدارن اياز علي کوسو، غلام مرتضيٰ کوسو، اعجاز احمد، ڀيمراج ڪولھي، امريش ڪولھي، عيدو ملاح ۽ مختيار احمد ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. وڌيڪ ڪاروائي دوران ھڪ گٽڪا فروش عبدالقدير کي 550 گٽڪن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته ايس ايڇ او کوسڪي ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 260 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري ورتو آهي، پوليس ڪارروائي دوران ٻن منشيات فروشن رجب علي ملاح ۽ زاھد حسين شيديءَ کي گرفتار ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف ايس ايڇ او ماتلي ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 110 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو، پوليس ڪارروائي دوران بٺي مالڪ سليمان ماڇيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب هڪ جوابدار محمد خان چانديو فرار ٿي ويو.
جڏهن ته ايس ايڇ او ٽنڊو باگو ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 270 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو، پوليس ڪارروائي دوران بٺي مالڪ ھيرو ڪولھي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
هڪ وڌيڪ ڪارروائي ۾ اياز ميمڻ کي 525 گٽڪن سميت گرفتار ڪري گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور پڻ ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 410 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري بٺي مالڪ روي ڪولھي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ڇاپي دوران ٻه جوابدار کمون ڪولھي ۽ خميسو ڪولھي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب گرفتار ۽ فرار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ايس ايڇ او گلاب لغاري هڪ ڪارروائي ۾ چوري جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار سجاد لغاريءَ کي گرفتار ڪري وٽانئس ھڪ پستول ۽ 5 ڪارتوس ھٿ ڪري ورتا آهن.
پوليس موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪئي وئي آهي. چوڪي انچارج ٽائون بدين محمد سالم گشت دوران ڪارروائي ڪري گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار سڪندر پرھياڙ کي 660 سفينه پڙين سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.