سانگهڙ: ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

news-details

سانگهڙ(آن لائين انڊس، 16 آگسٽ، اڱارو 2022ع)سانگهڙ ويجهو ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

سانگهڙ ويجهو نوابشاهه روڊ تي چڪ 23 وٽ ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور شڪارپور واسي ذوالفقار بروهي فوت ٿي پيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.