ڪورونا جا وڌيڪ 40 شڪي ڪيس ظاهر، 61 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

news-details

اسلام آباد: (جمعو: 04 نومبر 2022ع) صحت بابت اداري(اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ 11 هزار 693 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.
اين آءِ ايڇ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 693 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 40 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيا آهن.
اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جي شرح 0.34 سيڪڙو رهي آهي. وڌيڪ هلندڙ سال دوران ڪورونا وگهي ڪوبه مريض فوت نه ٿيو آهي جڏهن ته 61 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.