پاڪستان کي ايل اين جي جي خريداري لاءِ مهانگيون ٻوليون وصول

news-details

اسلام آباد: (جعمو: 14 جولاءِ 2023ع) پاڪستان کي ايل اين جي جي خريداري لاءِ مهانگيون ٻوليون وصول ٿيون آهن.
پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ ذريعن موجب پاڪستان 3 ايل اين جي ڪارگوز لاءِ ٻوليون طلب ڪيون هيون، ٻوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 14 جولاءِ هئي، اڄ ٻوليون اوپن ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايل ايل کي 3 کان 4 جنوري 2024 جي سپلاءِ لاءِ 23.47 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي ٻولي وصول ٿي.
ذريعن موجب 28 کان 29 جنوري لاءِ ڪا ٻولي وصول نه ٿي، جڏهن ته 23 کان 24 فيبروري جي سپلاءِ لاءِ 22.47 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي ٻولي آئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوليون قبول يا ر د ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جو بورڊ ڪندو.
ياد رهي ته گذريل مهيني به قطر مان گهرايل ايل اين جي ڪارگوز پاڪستان پهتا هئا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ جاري گئس بحران ڪنهن حد تائين ختم ٿي ويو هو.