ايس ٽي پي ارسا چيئرمين جي مقرري خلاف 17 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

news-details

حيدرآباد: (اربع: 13 مارچ 2024ع) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو ۽ ٻين ارسا جي چيئرمين جي مقرري واري وزيراعظم جي فيصلي کي رد ڪندي 17 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.


اڳواڻن چيو ته گذريل نگران حڪومت ۾ صدارتي آرڊيننس ۾ ارسا جي قانون ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني طور ترميم ڪئي وئي جنهن تي ان وقت به سنڌ اعتراض ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي پاڻي مٿان ڌاڙو هڻڻ جي رٿابندي سمجهندي يوم مادر وطن جي ميڙ قرارداد جي ذريعي رد ڪيو هو. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته نئي آيل وزيراعظم فوري طور ان نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني ڄاڻائي رد ڪري ها پر وزيراعظم شهباز شريف ان غيرقانوني ۽ غير  آئيني آرڊيننس جي ذريعي ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ارسا چئيرمين جي مقرري ڪئي آهي جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض آهن.


ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته غيرقانوني طور ڪيل ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ صوبن جي نمائيندن جي ارسا ۾ ڪا اهميت ناهي رهي ۽ ان طرح سان ارسا مڪمل طور فرد واحد اختيار هيٺ اچي وئي جيڪو نه صرف صوبن جي اختيارن ۽ ملڪ جي قانون ۽ آئين جي خلاف آهي پر ان سان گڏ هي سنڌ لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو فيصلو آهي.


هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن سي سي آئي موجود آهي ته پوءِ اهو نگران حڪومت ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني طور آندل آرڊيننس جي ڪا حيثيت نٿي رهي. انڪري موجوده وفاقي حڪومت جي ارسا ايڪٽ ۾ آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم  مطابق جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي ۽ ان کي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ جي سازش سمجهي ٿي. هن قسم جا فيصلا ملڪ جي مفاد ۾ نه ملڪ جي نقصان ڪار ٿيندا انڪري فوري طور ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم کي ختم ڪيو وڃي ۽ نئي ارسا چئيرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي. وفاق جي اهڙي فيصلي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 17 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.