پي سي بي جو پاڪ_نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽڪيٽن بابت اهم اعلان

news-details

لاهور: (خميس: 28 مارچ 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، نيوزيلينڊ سان ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪرو جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.


پي سي بي موجب، پهرئين مرحلي ۾ آن لائين ٽڪيٽن جي پري بُڪنگ جمعي جي شام 5 وڳي pcb.tcs.com.pk تي شروع ٿيندي .


راولپنڊي ۾ شيڊيول ميچن جون ٽڪيٽون گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو رپين ( پريميم ) ۽ وڌ کان وڌ ساڍن ست هزار رپين ( وي وي آءِ پي گئلري) ۾ دستياب هوندي، جڏهن ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هاسپٽيلٽي سيٽون ٻارنهن هزار رپين ۾ دستياب هونديون.


لاهور ۾ رٿيل ميچن لاءِ ٽڪيٽ جي قيمتون جنرل سيٽ لاءِ ٽي سئو رپين کان شروع ٿينديون ۽ چوٿين ٽي ٽوئنٽي لاءِ وڌ کان وڌ ڇهه هزار رپيا جڏهن ته پنجين ٽي ٽوئنٽي ۾ وي آءِ پي گئلري لاءِ ٽڪيٽ ست هزار رپيا هوندي.


ان کانسواءِ فار اينڊ بلڊنگ ۾ قائم هاسپٽيلٽي باڪس به دستياب هوندا، 25 اپريل واري ميچ لاءِ هاسپٽيلٽي باڪس چهه لک رپين ۾ دستياب هوندو جڏهن ته 27 اپريل جي ميچ لاءِ باڪس ست لک رپين ۾ دستياب هوندو.


پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 18 اپريل کان کيڏي ويندي ، سيريز جون سموريون ميچون شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿينديون.