وقار يونس جي ڀاءُ قومي وومين ٽيم جي آل رائونڊر عاليه رياض سان مڱڻي ڪري ورتي

news-details

لاهور: (سومر: 01 اپريل 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس جي ننڍي ڀاءُ علي يونس جي مڱڻي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليه رياض سان ٿي وئي.


قومي وومين ٽيم جي آل رائونڊر عاليه رياض پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي مڱڻي جي تصوير شيئر ڪئي. تصوير ۾ عاليه رياض کي وقار يونس، علي يونس ۽ ان جي خاندان سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.


عاليه رياض انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي مڱيتر علي يونس کي خاندان ۾ ڀليڪار چوڻ تي ٿورو ادا ڪيو. مڱڻي جي تقريب واهه ڪينٽ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي.


ياد رهي ته عاليه رياض 62 ون ڊي ۽ 83 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي آهي. هن ون ڊي ميچز ۾ 1209 رنسون ۽ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ 938 رنسون ٺاهيون آهن ۽ 20 رانديگرن کي آئوٽ ڪري چڪي آهي.


ٻئي طرف وقار يونس جو ننڍو ڀاءُ علي  يونس ڪمنٽيٽر آهي جيڪو اڪثر پاڪستان ۾ جاري وڏن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن ۾ ڪمنٽري ڪندي نظر ايندو آهي. ڪمنٽيٽر هجڻ سان گڏوگڏ اهو پريزينٽر به آهي