وفاقي گهر وزير بجلي جي واڌو بلن ۾ ملوث عملي خلاف قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (اربع: 17 اپريل 2024ع) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بجلي جي واڌو بلن ۾ ملوث عملي خلاف قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.


وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملڪ ۾ بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.


هن ايف آءِ اي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته واڌو بلن ۽ بجلي چورن جي خلاف 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري وڃي.


محسن نقوي چيو ته واڌو بلن عوام سان ظلم جي برابر آهي. ان ۾ ملوث عملو ڪنهن به رعايت جو مستحق نه آهي. واڌو بلن جي معاملي تي عوام کي فوري طور تي ريليف ڏنو وڃي.


گهرو وزير وڌيڪ چيو ته بجلي چوري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بلوچستان، خيبرپختونخواهه جي حساس علائقن ۾ ايف آءِ اي کي سيڪيورٽي ڏني وڃي.