خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب حادثن ۾ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا

news-details

پشاور: (جمعو: 19 اپريل 2024ع) خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن سبب پيش ايندڙ حادثن ۾ 36 ڄڻا فوت ۽ 53 زخمي ٿي پيا، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) برساتن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ صوبي ۾ 12 اپريل کان برساتن سبب ٿيندڙ حادثن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.


پي ڊي ايم اي ترجمان موجب خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن سبب پيش ايندڙ حادثن ۾ 36 ڄڻا فوت ۽ 53 زخمي ٿي پيا.


برساتن سبب 2 هزار 391 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ 388 گهر مڪمل ۽ 2 هزار گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.


پي ڊي ايم برسات متاثرن جي امداد لاءِ 11 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته متاثر ضلعن جي انتظاميه کي امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي.