پنڊيءَ ۾ برسات، ڀارت چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ميزباني تي سوال اٿاري ڇڏيا

news-details

ممبئي: (جمعو: 19 اپريل 2024ع) ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان هڪ ڀيرو وري پاڪستان خلاف پروپئگنڊا شروع ڪري ڇڏي.


گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ کيڏيل پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز جي پهرين ميچ برسات جي ور چڙهي وئي، جنهن سبب رڳو ٻن بالن جي راند ممڪن ٿي سگهي.


ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ تماشائين جو وڏو انگ پنڊي اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جڏهن ته اسٽيڊ نه هئڻ سبب مِينهن ۾ ڀڄي ويا جنهن تي ڀارتي ميڊيا واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيئن چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪري سگهندو.


واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال 2025ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندي جڏهن ته ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.


ان کان اڳ ڀارتي راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) تي زور ڏيندي چيو هو ته پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان پاسو ڪري.