ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پروٽيز اسڪواڊ جو اعلان، ايڊن مارڪرم ڪپتان

news-details

جوهانسبرگ:(اڱارو: 30 اپريل 2024ع) ڏکڻ آفريڪا جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ گڏيل طور کيڏيو ويندو جنهن لاءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.


ايڊن مارڪرم ميگا ايونٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي قيادت ڪندو، ان کانسواءِ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ۽ هينرڪ نورٽجي کي ٻيهر ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.


اينرڪ نورٽجي سال 2023ع کان انجري سبب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ناهي کيڏي رهيو جڏهن ته ڊي ڪاڪ 2023ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي.


ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ ايڊن مارڪرم ڪپتان، ڪوئنٽن ڊِي ڪاڪ، هينرج ڪلاسن، ڊيوڊ ملر، ٽريسٽن اسٽبز، ريزا هينڊرڪس شامل آهن.


ان کانسواءِ ڪيشو مهاراج،ڪاگيسو رباڊا، مارڪو جنيسن، اينرڪ نورٽجي، تبريز شمسي، اونٽيل بارٽمين، جيرالڊ ڪوئٽز، بيجورن فورٽوئن ۽ ريان ريڪيلٽن کي به ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.


ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ٽي جون تي سريلنڪا خلاف کيڏندي.