انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، حارث رئوف ۽ حسن علي جي واپسي

news-details

لاهور:(خميس: 02 مئي 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي سليڪشن ڪميٽي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


قومي سليڪٽرز وهاب رياض، محمد يوسف، عبدالرزاق ۽ بلال افضل پريس ڪانفرنس دوران ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.


آرئيلينڊ ۽ انگلينڊ دوري لاءِ سليڪشن ڪاميٽي فاسٽ بالر حارث رئوف سان آل رائونڊر حسن علي ۽ سلمان آغا کي 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ٻيهر شامل ڪيو ويو.


نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز جي 17 رانديگرن جي اسڪواڊ ۾شامل اسپنر اساما مير ۽ فاسٽ بالر زمان خان جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا.


18 رڪني اسڪواڊ ۾ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم، ابرار احمد، اعظم خان، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد، عماد وسيم، محمد عباس آفريدي، محمد عامر، محمد رضوان شامل آهن


جڏهن ته محمد عرفان خان، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ عثمان خان به ٽيم جو حصو آهن.


ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني ٽيم جو اعلان انگلينڊ خلاف 22 مئي تي پهرين ٽي ٽوئنٽي کانپوءِ ڪيو ويندو. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي اعلان جي آخري تاريخ 24 مئي آهي.