سمورا رانديگر اهم آهن، ڪنهن هڪ رانديگر جي بنياد تي حڪمت عملي تيار نه ڪبي: بابر اعظم

news-details

لاهور:(سومر: 06 مئي 2024ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سمورو ڌيان ورلڊ ڪپ کيڏڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي آهي، سمورا رانديگر اهم آهن، ڪنهن هڪ رانديگر جي بنياد تي حڪمت عملي تيار نه ڪبي، ٽيم جي سليڪشن ستن ئي سليڪٽرن جي مشوري سان ڪئي وئي آهي.


لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته سمورو ڌيان ورلڊ ڪپ تي آهي، سڀني رانديگرن جو ڌيان ڪاميابي تي آهي، ماضي ۾ اهو گول هو ته ٽرافي آڻڻي آهي، بدقسمتي سان نه آڻي سگهيا.


سندس چوڻ هو ته ذاتي فيصلا نه ٿي رهيا آهن، 7 سليڪٽرز آهن، سڀني جي صلاح مشوري سان فيصلا ٿيا آهن، جيڪو ٽيم لاءِ بهترين هوندو اهو فيصلو هوندو.


قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم جي ترجيح پهريان هوندي آهي، هي سندس، رضوان، صائم ۽ فخر جي ٽاپ آرڊر جو معاملو ناهي، گيري ڪرسٽن تجريڪار آهي، هو هاڻي کان ٽيم جي معاملن تي دلچسپي وٺي رهيو آهي.