ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ پاڪستان ٽيم جي ڪِٽ جي مهورت ڪئي وئي

news-details

لاهور: (سومر: 06 مئي 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڪِٽ جي مهورت ڪري ڇڏي.


جون ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ لاءِ قومي ٽيم جي ڪٽ جي مهورتي تقريب لاهور ۾ڪوٺائي وئي.


تقريب ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سميت اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي.


قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڪِٽ پائي شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ پي سي بي طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ نسيم شاهه، وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ۽ صائم ايوب به ڪِٽ ۾ نظر آيا.


پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪِٽ جو نالو ” ميٽرڪس “ رکيو ويو آهي.


ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا 2 جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندا، پاڪستان ٽيم ميگا ايونٽ ۾ شرڪت کان اڳ آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز کيڏندي.