پاڪستان ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ رواني ٿي وئي

news-details

لاهور:(اڱارو: 07 مئي 2024ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ لاهور کان دبئي رستي آئرلينڊ رواني ٿي وئي، حسن علي، شاداب خان ۽ محمد عامر ٽيم سان گڏ نه آهن.


قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ 15 رڪني ٽيم رات دير سان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور کان رواني ٿي.


قومي ٽيم آئرلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڊبلن پهچندي جتي هو ٽن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏندي.


شاداب خان ۽ حسن علي پاڪستاني ٽيم سان گڏ آئرلينڊ روانا نه ٿيا، ٻئي رانديگر آئرلينڊ ۾ ٽيم جوائن ڪندا.


ٻئي طرف فاسٽ بالر محمد عامر ويزا جي مسئلي سبب آئرلينڊ جو دورو نه ڪندو.


پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ 10 مئي تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 12 مئي ۽ ٽين ميچ 14 مئي تي کيڏي ويندي.